گستاخ مواد اپلوڊ ٿيڻ سبب پاڪستان ۾ گذريل پنجن سالن کان بند پيل يوٽيوب سروس بحال ٿي وئي

youtube-pak-18-1

گستاخ مواد اپلوڊ ٿيڻ سبب پاڪستان ۾ گذريل پنجن سالن کان بند پيل يوٽيوب سروس بحال ٿي وئي آهي، پاڪستان ٽيلي ڪميونيشن اٿارٽي جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ٻيهر گستاخ مواد اپلوڊ ڪيو ويو ته ويب سائيٽ فوري طور بند ڪئي ويندي.

پي ٽي اي ۽ گوگل وچ ۾ هڪ معاهدو ٿي ويو آهي، جنهن تحت پاڪستان وزن سان گڏ يوٽيوب ويب سائيٽ ٻيهر کولي وئي آهي، يوٽيوب کولڻ لاءِ ڊبليو ڊبليو ڊاٽ يوٽيوب کانپوءِ ڊاٽ پي ڪي به لکيو ويندو.

معاهدي تحت اڳتي گستاخ مواد رکڻ تي پاڪستان پاران گوگل کي آگاهه ڪيو ويندو ۽ جيڪڏهن ٻيهر اهڙو ڪو مواد اپلوڊ ٿيو ته يوٽيوب ويب سائيٽ فوري طور تي بند ڪئي ويندي.

پاڪستان جي آءِ ٽي وزارت ان سلسلي ۾ سمورن ٽيلي ڪام آپريٽرز کي يوٽيوب کولڻ جي هدايت به جاري ڪري ڇڏي آهي.

واضح رهي ته گذريل سال سيپٽمبر 2011 ۾ گستاخ مواد اپلوڊ ٿيڻ سبب يوٽيوب ويب سائيٽ بند ڪئي وئي هئي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*