سنڌ جي مختلف علائقن ۾ شديد ڪوهيڙي سبب ڪيترائي فيڊر ٽرپ ٿيڻ ڪري بجلي جي فراهمي بند

sindh-kohiro

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ شديد ڪوهيڙي سبب ڪيترائي فيڊر ٽرپ ٿيڻ ڪري بجلي جي فراهمي بند آهي ۽ پنجاب جي مختلف شهرن ۾ ڪوهيڙي سبب موٽروي انتظاميه گاڏيون بيهاري ڇڏيون، جڏهن ته ايمرجنسي جي صورت ۾ 130 تي رابطي جي هدايت ڪئي وئي آهي.

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ صبح سان شديد ڪوهيڙي سبب زندگي جو ڪار وهوار سخت متاثر آهي، جڏهن ته ڪوهيڙي سبب شاهراهن تي بدترين ٽريفڪ جام آهي.

 لاڙڪاڻي ۽ خيرپور ۾ ڪوهيڙي سبب سوين فيڊر ٽرپ ٿي ويا، جنهن سبب ٻنهي ضلعن جي سمورن شهرن ۽ هزارين ڳوٺن کي بجلي جي فراهمي بند آهي.

  اسلام آباد، لاهور، فيصل آباد پنڊي ڀٽيان ۽ اوڪاڙه، جي ٽي روڊ، خان گاهه ڏانهن ويندڙ گاڏيون ڪوهيڙي سبب روڪيو ويون، جڏهن ته حد نگاهه زيرو ٻڌائي پئي وڃي .

 ڪوهِيڙي سبب موٽروي ٽو کي مڪمل طور تي بند ڪيو ويو، جڏهن ته اسلام آباد ايڪسپريس وي به ٽريفڪ لاءِ بند ڪئي وئي آهي .

  ٽريفڪ پوليس ڊرائيورن توڙي مسافرن کي ايمرجنسي جي صورت ۾ 130 تي فوري طور تي رابطي ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن .

ڪوهيڙي سبب ٿڌ ۾ ويتر اضافو اچي چڪو آهي،  ۽ مسافر کي  پريشاني  سان منهن ڏيڻو پئجي ويو آهي ……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*