سعودي بادشاهه سان ملاقات بعد وزيراعظم نواز شريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف اڄ تهران پهچي ايراني صدر حسن روحاني سان ملاقات ڪندا

nawaz-army

سعودي عرب ۽ ايران ۾ ڇڪتاڻ گهٽتائڻ لاءِ پاڪستان جون ڪوششون جاري آهن، سعودي بادشاهه سان ملاقات بعد وزيراعظم نواز شريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف اڄ تهران پهچي ايراني صدر حسن روحاني سان ملاقات ڪندا.

گذريل ڏينهن سعودي عرب جي بادشاهه شاهه سلمان بن عبدالعزيز سان ملاقات بعد وزيراعظم نواز شريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف اڄ تهران پهچي رهيا آهن.

پاڪستاني وفد ايراني صدر حسن روحاني سان ملاقات ڪندو، جنهن دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.

ذريعن موجب، پاڪستاني وفد سعودي بادشاهه شاهه سلمان بن عبدالعزيز سان ٿيل ملاقات بابت به ايران جي اعليٰ قيادت کي آگاهه ڪندو.

گذريل ڏينهن وزيراعظم نواز شريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف سعودي عرب جي بادشاهه سان ملاقات ڪئي هئي، جنهن دوران پاڪستاني وفد سعودي عرب ۽ ايران وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو هو.

سعودي بادشاهه ۽ پاڪستاني وفد جي سطح تي ٿيل ڳالهين جي پڌرائي ۾ چيو ويو ته وزيراعظم نواز شريف تڪرارن جي جلد پر امن انداز ۾ حل ٿيڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته صرف ڳالهين جو رستو کليل رکڻ سان ئي معاملو حل ٿيندو…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*