احمد شهزاد جي شاندار سينچري سبب قومي ٽيم نيوزيلينڊ جي ٽيم کي شڪست ڏئي ڇڏي

پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي ٽين ۽ اهم ميچ ۾ احمد شهزاد جي شاندار سنچري ۽ ڪپتان شاهد آفريدي جي آلرائونڊ ڪارڪردگي سبب قومي ٽيم نيوزيلينڊ جي ٽيم کي هڪ طرفي مقابلي  بعد 147رنز تان شڪست ڏئي سيريز ۾ هڪ جي ڀيٽ ۾ ٻن ميچز جي برتري حاصل ڪري ورتي.

گڏيل عرب امارتن جي شهر شارجه ۾ کيڏي ويل ٽين ون ڊي ميچ ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان شاهد آفريدي ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.

قومي ٽيم ۾ هڪ تبديلي ڪئي وئي مصباح الحق جي جاءِ تي عمر اڪمل کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو.

قومي ٽيم مقرره 50 اوورس ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 364 رنز اسڪور ڪيون.

احمد شهزاد 113 رنز جي اننگ کيڏي ٽاپ اسڪور رهيو ۽ هن ڪيريئر جي ڇهين سنچري ڪرڻ جو اعزاز پڻ حاصل ڪيو.

شاهد آفريدي 26 بالن تي 6 چونڪن ۽3 ڇڪن جي مدد سان 55 رنز جي اننگ کيڏي، جڏهن ته هارس سهيل 39، يونس خان 35، محمد حفيظ 33۽سرفراز احمد 30 رنز اسڪور ڪري ناٽ آئوٽ رهيو.

ڪيوي ٽيم پاران هينري 3، جڏهن ته ڪوري اينڊرسن، نيٿن ميڪيولم ۽ ميڪلنگان هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

نيوزيلينڊ جي ٽيم پاڪستان جي  ٽيم پاران ميچ کٽڻ لاءِ مليل 365 رنز جو ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ۽ پوري ٽيم 38 ڏهائي 2 اوورس ۾ 217 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ ڪپتان ڪين وليمسن 46، رونچي 41 ۽ٽام ليٿم 34 رنز جي اننگ کيڏي نمايا بيٽسمين رهيا.

قومي ٽيم پاران ڪپتان شاهد آفريدي ۽هارس سهيل 3-3، محمد عرفان 2،جڏهن ته احمد شهزاد ۽وهاب رياض هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

احمد شهزاد کي بهترين بيٽنگ جو مظاهرو ڪرڻ تي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*