پنجاب جي مختلف جيلن ۾ قتل ڪيس جي ٽن قيدين کي ڦاهي تي لٽڪايو ويو

hang-08

قومي ايڪشن پلان تي تيزي سان عملدرآمد جاري آهي، پنجاب جي مختلف جيلن ۾ قتل ڪيس جي ٽن قيدين کي ڦاهي تي لٽڪايو ويو.

ميانوالي سينٽرل جيل ۾ ٻٽي قتل جي جوابدار کي ڦاهي ڏني وئي، جوابدار غلام جيلاني 2004 ۾ ٻن ڀائٽين کي قتل ڪري ڇڏيو هو.

اٽڪ ڊسٽرڪٽ ۾ قتل ڪيس جي قيدي سلطان کي وارثن سان آخري ملاقات ڪرائڻ بعد ڦاهي تي لٽڪايو ويو.

جيل اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدار سلطان 2007 ۾ گهرو اڻبڻت تان پنهنجي گهرواريءَ کي قتل ڪيو هو.

جهنگ ڊسٽرڪٽ جيل ۾ قتل ڪيس قيدي الله ڏتي کي ڦاهي تي لٽڪايو ويو.

جيل اختيارين موجب جوابدار الله ڏتي 1999 ۾ معمولي ڳالهه تان دوست کي ڇري جا وار ڪري بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو هو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*