مٺي جي سول اسپتال ۾ وڌي 4 ٻارڙو فوت ٿيڻ کانپوءِ 19 ڏينهن دوران فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 81 ٿي ويو

thar-child-death

ٿرپارڪر ۾ عذائي کوٽ ۽ بيمارين سبب ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو  جاري آهي، مٺي جي سول اسپتال ۾ وڌي 4 ۽ شهر گجراتي پاڙي ۽ ننگر پارڪر جي ڳوٺ ڪانا ويڙو ۾وڌيڪ هڪ هڪ ٻارڙو فوت ٿيڻ کانپوءِ  19 ڏينهن دوران فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 82  ٿي ويو.

مٺي سول اسپتال ۾ ٿر جي مختلف ڳوٺن سان تعلق رکندڙ وڌيڪ چار ٻارڙا علاج دوران فوت ٿي ويا ۽ شهر جي گجراتي پاڙي ۾ به هڪ ٻاڙو فوت ٿي ويو.

ننگر پارڪر جي ڳوٺ ڪانا ويڙو ۾ به وڌيڪ هڪ ٻارڙو فوت ٿيڻ  کانپوءِ ٿر ۾ 19 ڏينهن دوران فوت ٿي ويل ٻارڙن جو انگ وڌي 82 ٿي ويو آهي.

مٺي، ننگرپارڪر، ڇاڇرو، اسلام ڪوٽ ۽ ڏاهلي جي سپتالن ۾ ڪيترائي ٻارڙا داخل آهن، جيڪي علاج جي بهتر سهولتن کان محروم آهن…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*