سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات کانپوءِ ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي

karechi-rain

سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات کانپوءِ ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي آهي، موسميات کاتي چيو آهي ته ڪراچي ۾ سڄي رات وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري رهيو.

ڪراچي جي مختلف علائقن، ڊفينس، اختر ڪالوني، ڪورنگي، قيوم آباد، صدر، محمود آباد، ڪالا پل، گلستان جوهر، گلشن اقبال، ملير، گلشن حديد، اسٽيل ٽائون، عزيز آباد ۽ بفرزون ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات کانپوءِ ٿڌ ۾ اضافو ٿيو.

شهر جي مختلف علائقن ۾ برسات کانپوءِ گلشن حديد، اسٽيل ٽائون، ملير الفلاح سوسائٽي، عزيز آباد، بفرزون، گلستان جوهر ۽ گلشن اقبال 13 ڊي وارن علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي.

برسات کانپوءِ شهر جي مختلف علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو آهي، جڏهن ته انتظاميا ڪي به جوڳا قدم ناهن کنيا، جنهن سبب شهري پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*