سنڌ سرڪار، ڊاڪٽر عاصم ڪيس ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر تبديل ڪري ڇڏيو

dr-asaim-pash-21-12-15.

سنڌ سرڪار، ڊاڪٽر عاصم خلاف دهشتگردن جو علاج ڪرائڻ ۽ سهولتڪاري واري ڪيس ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر تبديل ڪري ڇڏيو آهي.

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڊاڪٽر عاصم حسين خلاف دهشتگردن جو علاج ڪرائڻ ۽ سهولتڪاري واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪجهه دير ۾ ٿي رهي آهي.

گهرو کاتي موجب، سنڌ سرڪار  اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر نثار دراني جي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ٿيڻ کانپوءِ سندس جاءِ تي اياز تنيو کي نئون اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر مقرر ڪري ڇڏيو آهي.

واضح رهي ته ڊاڪٽر عاصم ڪيس شهادت حسين اعواڻ، مشتاق جهانگيري ۽ نثار دراني اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر طور خدمتون سرانجام ڏئي چڪا آهن…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*