ايف آءِ اي پنجاب جي مختلف شهرن ۾ ڪارروايون ڪري 12 انساني اسمگلرز کي گرفتار ڪري ورتو

FIA

ايف آءِ اي پنجاب جي مختلف شهرن ۾ ڪارروايون ڪري 12  انساني اسمگلرز کي گرفتار ڪري ورتو آهي، گرفتار جوابدارن مان 5 ڄڻا عبوري ضمانت تي هئا.

ايف آءِ اي اسلام آباد پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب پنجاب جي گوجرانوالا، گجرات ۽ ٻين علائقن ۾ گڏيل ڪارروايون ڪري 12 انساني اسمگلرز کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.

ايف آءِ اي موجب، گرفتار جوابدارن ۾ ناصر اسحاق، عقيل طارق، نصير، زوار محمد افضل، الياس يونس، جاويد مسيح، اعظم، سجيل، مطلوب حسين ۽ بابر نعيم شامل آهن.

گرفتار جوابدار شهرين کي نوڪرين جي لالچ ڏئي مختلف ملڪن ڏانهن اسمگل ڪندا هئا، جن وٽان وڏي انگ ۾جعلي دستاويز ۽  سامان به هٿ ڪيو ويو آهي.

ايف آءِ اي موجب، گرفتار جوابدارن مان 5 ڄڻا عبوري ضمانت تي هئا، انهن کي به سوگهو ڪيو ويو آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*