خيبر ايجنسي جي علائقي جمرود ۾ خاصه دار فورس جي چيڪ پوسٽ ويجهو ڌماڪي جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا ۽ 15 کان وڌيڪ زخمي

khyber-pakhtwa14

خيبر ايجنسي جي علائقي جمرود ۾  خاصه دار فورس جي چيڪ پوسٽ ويجهو ڌماڪي جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا ۽ 15 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن، سڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري هيٺ آڻي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.

خيبر ايجنسي جي علائقي جمرود جي ڪارخانو مارڪيٽ ۾ قائم خاصه دار فورس جي چيڪ پوسٽ ويجهو زوردار ڌماڪو ٿيو، جنهن جو آواز پري پري تائين ٻڌو ويو.

 شروعاتي اطلاعن موجب ڌماڪي جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا ۽ 15 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن، جن مان ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

ڌماڪي جي نتيجي ۾ مارجي ويل 5 ڄڻن جا لاش پشاور جي حيات آباد ميڊيڪل ڪمپليڪس منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 15 کان وڌيڪ زخمي به حيات آباد ميڊيڪل ڪمپليڪس آندا ويا آهن.

ڌماڪي بعد سڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري هيٺ آڻي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.

سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڌماڪي وقت وڏي انگ ۾ خاصه دار فورس جا اهلڪار چيڪ پوسٽ تي موجود هئا……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*