سنڌ هاءِ ڪورٽ، توهين عدالت ڪيس ۾ آءِ جي سنڌ ۽ ٻين پوليس آفيسرن کي سول ڊريس ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم

sindh-IG-jamali

سنڌ هاءِ ڪورٽ، توهين عدالت ڪيس ۾ جسٽس ڪريم آغا جي بينچ کان ڌار ٿيڻ بعد ٻڌڻي 19 فيبروري تائين ملتوي ڪندي آءِ جي سنڌ ۽ ٻين پوليس آفيسرن کي سول ڊريس ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

جسٽس منيب جي سربراهي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران آءِ جي سنڌ غلام حيدر ۽ ٻيا پوليس آفيسر پيش ٿيا.

آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي ۽ ٻين پوليس آفيسرن پاران وردي ۾ پيش ٿيڻ تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

جسٽس ڪريم آغا ڪيس جي ٻڌڻي کان انڪار ڪيو، جنهن بعد معاملو سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ڏانهن اماڻيو ويو آهي.

عدالت ريمارڪس ڏنا ته آءِ جي سنڌ ۽ ٻيا پوليس آفيسر ڪيس ۾ نامزد آهن، تنهنڪري وردي ۾ پيش ٿيڻ بدران سول ڊريس ۾ پيش ٿين.

عدالت آءِ جي سنڌ ۽ ٻين پوليس آفيسرن کي 19 فيبروري تي هر صورت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*