ڪراچي جَي عدالت، گذري ۾ مبينا پوليس مقابلي دوران مارجي ويل شاگرد ذڪري جي امڙ جي درخواست تي ڪارروائي ۾ حصو وٺندڙ سمورن پوليس عملدارن کي 21 جنوري تي طلب ڪري ورتو

karachi-student

ڪراچي جَي عدالت، گذري ۾ مبينا پوليس مقابلي دوران مارجي ويل شاگرد ذڪري جي امڙ جي درخواست تي ڪارروائي ۾ حصو وٺندڙ سمورن پوليس عملدارن کي 21 جنوري تي طلب ڪري ورتو آهي.

ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڏکڻ الله بچايو گبول جي عدالت گذري ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل  شاگرد زڪريا جي امڙ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت، اهڙي درخواست تي ڪارروائي ۾ حصو وٺندڙ سمورن پوليس عملدارن کي 21 جنوري تي طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

ان کان اڳ پوليس مبينا مقابلي بابت عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪئي، جنهن ۾ جوابدار غلام آزاد جو وڊيو بيان به شامل آهي.

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته جوابدار ڦر ڪري فرار ٿي رهيا هئا ته پوليس پهتي، جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي.

رپورٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ 2 جوابدار ذڪريا ۽ غلام آزاد زخمي ٿيا، جن کي اسپتال نيو پئي ويو ته ذڪريا دم ڏنو.

واضح رهي ته گذري ۾ مقابلي دوران شاگرد ذڪريا مارجي ويو ۽ سندس ساٿي غلام آزاد زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيو هو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*