پنجاب جي علائقي شورڪوٽ ۾ شگر مل جو بوائر ڦاٽڻ سبب 7 پورهيت فوت ٿي ويا ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا

punjab-7-death

پنجاب جي علائقي شورڪوٽ ۾ شگر مل جو بوائر ڦاٽڻ سبب 7 پورهيت فوت ٿي ويا ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن، پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊي سي جهنگ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

پنجاب جي ضلعي جهنگ جي تعلقي شورڪوٽ ۾ ڪينٽ روڊ تي قائم شگر مل جو بوائلر ڦاٽي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ مل اندر ڪم ڪندڙ 7 پورهيت موقعي تي فوت ٿي ويا.

پوليس موجب، بوائلر ڦاٽڻ سبب 20 پورهيت زخمي ٿي پيا آهن، جن کي تعلقي هيڊڪوارٽر اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتي اڪثر پورهيتن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊي سي جهنگ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته زخمي پورهيتن کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*