سپريم ڪورٽ، پرويز مشرف خلاف هلندڙ سنگين غداري ڪيس ۾ وفاقي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو

Supreme Issue

سپريم ڪورٽ، پرويز مشرف خلاف هلندڙ سنگين غداري ڪيس ۾ اڳوڻي چيف جسٽس، جسٽس رٽائرڊ عبدالحميد ڊوگر سنگين جو نالو شامل ٿيڻ خلاف درخواست تي وفاقي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي.

 جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ اڳوڻي چيف جسٽس عبدالحميد ڊوگر جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

عبدالحميد ڊوگر جي وڪيل افتخار گيلاني دليل ڏيندي چيو ته 3 نومبر واري ايمرجنسي سان سندس مئوڪل جو ڪو به واسطو ناهي، خاص عدالت غلط نموني سان عبدالحميد ڊوگر جو نالو غداري ڪيس ۾ شامل ڪيو.

عدالت کي استدعا ڪئي وئي ته خاص عدالت جو 21 نومبر وارو حڪم ڪالعدم قرار ڏئي عبدالحميد ڊوگر جو نالو غداري ڪيس مان خارج ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

عدالت، اهڙي درخواست تي اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*