خيبر ايجنسي جي علائقي جمرود ۾ خاصه دار فورس جي چيڪ پوسٽ ويجهو ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار ۽ ٻارڙي سميت 8 ڄڻا مارجي ويا ۽ 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا

khyberagency13-8

خيبر ايجنسي جي علائقي جمرود ۾  خاصه دار فورس جي چيڪ پوسٽ ويجهو ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار ۽ ٻارڙي سميت 8 ڄڻا مارجي ويا ۽ 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن،  سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڌماڪيدار مواد موٽرسائيڪل ۾ نصب ڪيو ويو هو.

خيبر ايجنسي جي علائقي جمرود جي ڪارخانو مارڪيٽ ۾ قائم خاصه دار فورس جي چيڪ پوسٽ ويجهو زوردار ڌماڪو ٿيو، جنهن جو آواز پري پري تائين ٻڌو ويو.

ڌماڪي جي نتيجي ۾ خاص دار فورس جي اهلڪار ۽ هڪ ٻارڙي سميت 8 ڄڻا مارجي ويا ۽ 20  ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، زخمين مان ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

ڌماڪي جي نتيجي ۾ مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي پشاور جي حيات آباد ميڊيڪل ڪمپليڪس منتقل ڪيو ويو آهي.

ڌماڪي بعد سڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري هيٺ آڻي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.

سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڌماڪيدار مواد موٽرسائيڪل ۾ نصب ڪيو ويو هو، ڌماڪي وقت وڏي انگ ۾ خاصه دار فورس جا اهلڪار چيڪ پوسٽ تي موجود هئا……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*