پيرو جي راڄڌاني ليما ۾ اختيارين پاران شهر جي صفائي لاءِ ڳجهن جون خدمتون حاصل ڪيون ويون

paro

پيرو جي راڄڌاني ليما ۾ اختيارين پاران شهر جي صفائي لاءِ ڳجهن جون خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن. شهر جي جنهن به علائقي ۾ سڙيل گوشت يا ڪو مئل جانور غير قانوني طور اڇلايو يا دفنايو ويندو، ڳجهون اتي پهچي انهن جو صفايو ڪري وٺنديون.

شهر جي صفائي واري مقصد لاءِ 10 ڳجهن جي تربيت ڪئي وئي آهي ۽ انهن تي جي پي ايس ٽريڪنگ سسٽم به لڳايو ويو آهي، جنهن ذريعي ڳجهن جي چرپر تي نظر رکڻ ممڪن هوندو.

ڳجهن جي تربيت ڪندڙ الفرڊو ڪوري جو چوڻ آهي ته شهر جي صفائي ڪندڙ ڳجهن جو انگ هونئن ته 20 آهي، پر انهن مان رڳو 10 ڳجهن تي ٽريڪنگ سسٽم لڳل آهي.

الفرڊو ڪوري جو چوڻ آهي ته پيرو جا ماڻهو ڳجهن کان نفرت ۽ خوف محسوس ڪن ٿا، پر هنن کي خبر نه آهي ته ڳجهون سماج جي صفائي ڪندڙ اهي هيروز آهن، جن جو احترام ٿيڻ گهرجي.

ليما شهر ۾ صفائي واري اداري جي ڪو آرڊينيٽر هاويئر هرنانڊز جو چوڻ آهي ته ليما جي آبادي  هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ آهي ۽ اهي شهري جيڪو گند اڇلائين ٿا، ان جو 96 سيڪڙو حصو انتظاميا پاران محفوظ انداز ۾ صاف ڪيو وڃي ٿو، پر 4 سيڪڙو حصو ندين نالن جي ڪنڌين ۽ ٻين هنڌن تي رهجي وڃي ٿو، ڳجهن جي مدد سان ان گند جي ڳولا ڪرڻ ۾ به وڏي مدد ملي ٿي.

پيرو ۾ ڳــــِجــُهن ذريعي صفائي وارو پروگرام آمريڪي يو ايس ايڊ جي سهڪار سان شروع ڪيو ويو آهي ۽ مقامي اختيارين جي دعويٰ آهي ته پروگرام ڪاميابي ماڻي رهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*