وڏي وزير جي صدارت هيٺ صوبائي ايپيڪس ڪميٽي جو اجلاس جاري

Apex-Sindh-Qaim-2-12

وڏي وزير جي صدارت هيٺ صوبائي ايپيڪس ڪميٽي جو اجلاس جاري آهي، جنهن ۾ ايپيڪس ڪميٽي جي فيصلن، نيشنل ايڪشن پلان ۽ ڪراچي آپريشن سميت مختلف معاملن جو جائزو ورتو پيو  وڃي.

گورنر هائوس ڪراچي ۾ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ صوبائي ايپڪس ڪيمٽي جو اجلاس جاري آهي.

اجلاس ۾ گورنر سنڌ عشرت العباد، ڪورڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل نويد مختار، ڊي جي رينجرز ميجر جنرل بلال اڪبر، آءِ جي سنڌ، صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال ۽ ٻيا لاڳاپيل عمدارن شريڪ آهن.

اجلاس ۾ صوبائي اپيڪس ڪميٽي جي فيصلن تي ٿيل عملدرآمد، قومي ايڪشن پلان ۽ ڪراچي ۾ جاري ٽارگيٽڊ آپريشن سميت مختلف معاملن معاملن جو  جائزو ورتو پيو وڃي.

 اجلاس کان اڳ گورنر عشرت العباد، ڪورڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل نويد مختار ۽ ڊي جي رينجرز ميجر جنرل بلال اڪبر وڏي وزير قائم علي شاهه سان ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران ڪراچي آپريشن سميت سنڌ ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال جو جائزو ورتو ويو……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*