قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جمعي ڏهاڙي هفتيوار موڪل ڪرڻ سميت ٻيا بل لاڳاپيل ڪميٽيز حوالي ڪري ڇڏيا

national-assambly

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جمعي ڏهاڙي هفتيوار موڪل ڪرڻ بابت جماعت اسلامي پاران پيش ڪيل ٺهراءُ ۽  قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي بنا سرچ وارنٽ جي ڇاپڻ کان روڪڻ ۽ اهلڪارن جي ڇاپن وقت سڃاڻپ لازمي قرار ڏيڻ لاءِ فوجداري ايڪٽ ۾ ترميمي بل لاڳاپيل ڪميٽيز حوالي ڪري ڇڏيا آهن.

قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو.

اجلاس ۾ جماعت اسلامي جي صاحبزاده طارق الله هفتيوار موڪل جمعي ڏهاڙي ڪرڻ بابت ٺهراءُ ايوان ۾ پيش ڪيو.

مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار يوسف چيو ته هو اهڙي ٺهراءَ جي حمايت ڪن ٿا پر جمعي تي موڪل جي ڪا به ضرورت ناهي.

دفاع واري وزير خواجه آصف چيو ته جيڪڏهن جمعي ڏهاڙي موڪل ڪئي به وڃي ۽ ماڻهو نماز نه پڙهن ته پوءِ ڪهڙو فائدو،  قرآن پاڪ ۾ هفتيوار موڪل جمعي ڏهاڙي ڪرڻ جو ڪو به ذڪر ناهي.

اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه تجويز ڏني ته معاملو لاڳاپيل ڪميٽي حوالي ڪيو وڃي، جنهن بعد اسپيڪر جمعي تي موڪل ڪرڻ وارو معاملو لاڳاپيل ڪميٽي حوالي ڪري ڇڏيو.

اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم جي ميمبر شيخ صلاح الدين فوجداري ايڪٽ 1898 ۾ ترميمي بل 2016 پيش ڪيو.

بل جي متن ۾ چيو ويو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪارن صبح جو سوير ڇاپا هڻندا آهن ۽ اهلڪارن جي منهن تي نقاب پهريل هوندو آهي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ڪنهن به شخص کي گرفتار ڪرڻ کان اڳ ڏوهه ٻڌائڻ جو پابند بڻايو وڃي.

بل جي متن ۾ اهو به چيو ويو آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي بنا سرچ وارنٽ جي ڇاپن کان روڪيو وڃي ۽ اهلڪارن کي ان ڳالهه جو پابند بڻايو وڃي ته اهي ڇاپن وقت پنهنجي سڃاڻپ ڪرائين.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اهڙو بل وڌيڪ بحث لاءِ لاڳاپيل ڪميٽيءَ حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

ايوان ۾ جي يو آءِ جي عورت ميمبر عاليه ڪامران ٻارڙن جي ملازمت بابت ايڪٽ 1991 ۾ ترميمي بل 2016 پيش ڪيو ويو، بل جي متن ۾ چيو ويو ته ٻارڙن جي ملازمت وارو مدو 14 سالن مان وڌائي 16 سال ڪيو وڃي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*