ڄامشورو پوليس ڪوٽڙي ۾ ڪارروائي ڪندي 4 ڦورو گرفتار ڪري وٽان ڦر ٿيل سامان ۽ هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ

karachipolice26-8

ڄامشورو پوليس ڪوٽڙي ۾ ڪارروائي ڪندي 4 ڦورو گرفتار ڪري وٽان ڦر ٿيل سامان ۽ هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي  آهي.

ايس ايس پي ڄامشورو طارق ولايت جو چوڻ آهي ته ڪوٽڙي شهر خدا جي بستي ۾ ڪارروائي ڪندي چار ڦورن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

ايس ايس پي جو چوڻ هو ته گرفتار ڦورن ۾ صدام قائمخاني، علي رضا آرائين، ارشد مغل ۽ فيضان شيدي شامل آهن، جن وٽان ڦر ٿيل سونا زيور ۽ روڪ رقم هٿ ڪئي وئي آهي.

ايس ايس پي جو وڌيڪ چوڻ هو ته گرفتار جوابدارن تي ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ 30 کان وڌيڪ ڦر جا ڪيس داخل آهن، جن وٽان 4 ٽي ٽي پسٽل هٿ ڪيا ويا آهن…………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*