سنڌ سرڪار، ڪراچي شهر ۾ 60 سرڪاري اسڪول بند هئڻ جو اعتراف ڪري ورتو

nisar--khoro

سنڌ سرڪار، ڪراچي شهر ۾ 60 سرڪاري اسڪول بند هئڻ جو اعتراف ڪري ورتو، سينيئر ۽ تعليم واري وزير نثار کهڙي چيو آهي ته سنڌ ۾ 35 هزار اسڪول غير فعال بڻيل آهن، اهو چوڻ غلط آهي ته وڏيرا ۽ جاگيردار اسڪول هلڻ نه ٿا ڏين.

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو.

فنڪنشل ليگ جي نصرت سحر چيو ته سموري سنڌ ۾ ڪيترائي سرڪاري اسڪول بند پيل آهن، جنهن سرڪار ڪارڻ ئي نٿي ٻڌائي.

تعليم واري وزير نثار کهڙي چيو ته سنڌ ۾ 35 هزار اسڪول غير فعال بڻيل آهن، ڪراچي شهر ۾ 60 سرڪاري اسڪول بند هئڻ جو پيل آهي، جنهن جو ڪارڻ گهٽ آبادي ۾ اضافي اسڪول قائم ڪرڻ آهي.

هن چيو ته پرويز مشرف جي دور ۾ هڪ يوسي اندر 55 اسڪول کوليا ويا، جڏهن ته آبادين کان پري اسڪول قائم ٿيڻ سبب بند پيل آهن.

صوبائي وزير چيو ته حڪومت مٺي جي هڪ علائقي ۾ ڏيڍ سئو اسڪول کوليا، جڏهن ته بند پيل اسڪولز کولرائڻ لاءِ ڪوششون ورتيون پيون وڃن.

نثار کهڙي تصديق ڪئي ته سنڌ ۾ 9 ايليمينٽري اسڪولز سميت 32 هزار اسڪول غير فعال آهن، جن کي فعال ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪئي پئي وڃي.

ايوان ۾ فنڪشنل ليگ جي نصرت سحر عباسي ڊسٽرڪٽ اسپتالز ۾ ايئر ايمبولنس جي قيام بابت ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن جي اڪثريت راءِ سان منظوري ڏني وئي.

ٺهراءُ ۾ چيو ويو ته اسپتالز ۾ ايئر ايمبولينس جي سهولت نه هئڻ سبب مريض رستن تي حياتيون وڃائي رهيا آهن.

ايم ڪيو ايم  

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*