ڀارتي لابي کان علاوه پيپلزپارٽي جي دور جي حڪومت جو اڳوڻو سفير به پاڪستان کي جهاز نه ڏيڻ لاءِ لابنگ ڪري رهيو آهي:خواجه آصف

khuwaja-asif

دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته امريڪا پاڪستان کي 8 ايف سورنهن جهاز ڏيڻ جو پابند آهي پر ڀارتي لابي کان علاوه پيپلزپارٽي جي دور جي حڪومت جو اڳوڻو سفير به پاڪستان کي جهاز نه ڏيڻ لاءِ لابنگ ڪري رهيو آهي.

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾  پاليسي بيان ڏيندي خواجه آصف چيو ته آپريشن ضرب عضب جي ڪاميابي ۾ پاڪستان پاران تيار ڪيل جي ايف سيونٽين ٿنڊڙ کان علاوه ايف سورنهن جهازن جو به اهم ڪردار رهيو آهي، ان ئي ڪاميابي کي ڏسندي اوبامه انتظاميه پاڪستان کي 8 ايف سورنهن جهاز ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو.

هن چيو ته ڀارتي لابي سميت پيپلزپارٽي جي حڪومتي دور ۾ امريڪا ۾ سفير رهندڙ هڪ شخص به ڀارتي لابي جيان سرگرم آهي ۽ لابنگ ڪري رهيو آهي ته پاڪستان کي جهاز نه ڏنا وڃن.

خواجه آصف وڌيڪ چيو ته مسلمان ملڪن جي اتحاد لاءِ پاڪستان جون ڪوششون تعريف جوڳيون آهن،سعودي عرب ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ وزيراعظم نواز شريف جون سعودي قيادت سان ملاقاتون مثبت رهيون، پاڪستان جي ڪوششن جو سٺو رد عمل سامهون آيو آهي.

دفاع واري وزير وڌيڪ چيو ته  سعودي عرب جي قيادت ۾ 34 ملڪي فوجي اتحاد تي اڃا مشاورت جاري آهي،جنهن جو مقصد مسلمانن جي سڃاڻپ کي دنيا ۾ اجاگر ڪرڻ آهي پر ان اتحاد کي ڪنهن به ملڪ جي خلاف نه سمجهڻ گهرجي.

خواجه آصف چيو ته دفاعي معاملن ۾ سعودي عرب پاڪستان جو سڀ کان وڏو اتحادي آهي ۽ 2007 ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي تربيت ۽ دهشتگردي جي خاتمي وارا معاهدا ٿيل آهن، ان سمجهوتن جي ذريعي ئي سعودي فوج جي ضرورتن کي پورو ڪيو پيو وڃي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*