ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڊاڪٽر عاصم ڪيس ۾ متحده جي انيس قائم خاني ۽ پ پ جي قادر پٽيل جا ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا

dr-asaim

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڊاڪٽر عاصم ۽ ٻين خلاف دهشتگردن جو علاج ڪرڻ ۽ کين پناهه ڏيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي 30 جنوري تائين ملتوي ڪندي سليم شهزاد، انيس قائم خاني ۽ قادر پٽيل جا ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.

دهشتگردن جي علاج ۽ کين پناهه ڏيڻ واري ڪيس ۾ ڊاڪٽر عاصم کي ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت نمبر ٽو جي جج خالده ياسين آڏو پيش ڪيو ويو، ضمانت تي آزاد وسيم اختر، رئوف صديقي به پيش ٿيا، عثمان معظم کي به آندو ويو.

جاچ آفيسر عدالت آڏو رپورٽ پيش ڪندي ٻڌايو ته ڪيس ۾ نامزد جوابدارن مان وسيم اختر ۽ رئوف صديقي ضمانت تي آهن، عثمان معظم کي جيل مان آندو ويو آهي.

رپورٽ ۾ چيو ويو ته جوابدار سليم شهزاد ملڪ ۾ موجود ناهي، انيس قائم خاني ۽ قادر پٽيل ڪراچي ايئرپورٽ تان فرار ٿي ويا آهن.

ڊاڪٽر عاصم جي وڪيل چيو ته منهنجي اصيل جو پاسپورٽ به تحويل ۾ ورتل شين ۾ شامل هو، ٻيون شيون مليون، پر اڃا پاسپورٽ واپس ناهي ڪيو ويو، اهو ڏياريو وڃي.

رينجرز جي لا آفيسر چيو ته چيڪ ڪريون ٿا، جيڪڏهن رينجرز وٽ ڊاڪٽر عاصم جو پاسپورٽ هوندو ته واپس ڪيو ويندو.

عدالت  سليم شهزاد، انيس قائم خاني ۽ قادر پٽيل جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتار وارنٽ جاري ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 30 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*