قومي ايڪشن پلان تحت سنڌ ۾ 10 هزار کان وڌيڪ ڪارروائيون ڪيون ويون 11سئو 87 ڄڻا گرفتار ڪيا ويا

apex-cammiti-meeting

وڏي وزير جي صدارت هيٺ صوبائي اپيڪس ڪميٽي جو اجلاس جاري آهي، جنهن ۾ ايپيڪس ڪميٽي جي فيصلن، نيشنل ايڪشن پلان ۽ ڪراچي آپريشن سميت مختلف معاملن جو جائزو ورتو پيو  وڃي.

گورنر هائوس ڪراچي ۾ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ صوبائي ايپڪس ڪيمٽي جو اجلاس جاري آهي.

اجلاس ۾ گورنر سنڌ عشرت العباد، ڪورڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل نويد مختار، ڊي جي رينجرز ميجر جنرل بلال اڪبر، آءِ جي سنڌ، صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال ۽ ٻيا لاڳاپيل عمدارن شريڪ آهن.

اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ ۽ ٻين بريفنگ ڏيندي چيو ته قومي ايڪشن پلان تحت سنڌ ۾ 10 هزار 738 ڇاپا هنيا ويا، ديوارن تي چڙ ڏياريندڙ چاڪنگ خلاف 736 ڪيس داخل ڪري 203 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو.

آءِ جي سنڌ ۽ ٻين بريفنگ ڏني ته ڪراچي ۾ لائوڊ اسپيڪر ايڪٽ جي ڀڃڪڙي تي هڪ هزار 68 ڪيس داخل ڪري 987 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو.

هنن چيو ته دهشتگردن جي مالي معاونت جي الزام هيٺ ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

 اجلاس کان اڳ گورنر عشرت العباد، ڪورڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل نويد مختار ۽ ڊي جي رينجرز ميجر جنرل بلال اڪبر وڏي وزير قائم علي شاهه سان ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران ڪراچي آپريشن سميت سنڌ ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال جو جائزو ورتو ويو……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*