اسلام آباد جي رهائشي علائقن ۾ سياسي جماعتن جي آفيسز خلاف سي ڊي اي جو آپريشن

Islamabad

اسلام آباد جي رهائشي علائقن ۾ سي ڊي اي سياسي جماعتن جي آفيسز خلاف آپريشن ڪري پيپلزپارٽي، پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي ۽ ق ليگ جون آفيسون سيل ڪري ڇڏيون آهن.

اسلام آباد جي علائقن ايف ايٽ، جي سڪس ۽ ٻين علائقن ۾ سياسي پارٽين جي آفيسز خلاف آپريشن ڪري تحريڪ انصاف، پاڪستان پيپلزپارٽي، ق ليگ ۽ جي يو آءِ جون آفيسون سيل ڪيون.

سي ڊي اي ترجمان جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت آفيسون سيل ڪيون ويون آهن، رهائشي علائقن کي ڪمرشل طور استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

پي ٽي آءِ ترجمان نعيم الحق جو چوڻ آهي ته عدالتي حڪم تحت جلد پارٽي سيڪريٽريٽ ٻئي هنڌ منتقل ڪيو ويندو، جڏهن ته پ پ آرگنائيرز جو چوڻ آهي ته سي ڊي اي جي نوٽيس بعد آفيس ۾ ڪا به سياسي سرگرمي نه ڪئي وئي آهي………….. …

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*