عمر اڪمل هيڊ ڪوچ وقاريونس پاران منع ڪرڻ بعد باوجود سوشل ميڊيا تي پنهنجي تصوير اپ لوڊ ڪري ڇڏي

umar-akmal

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ٽن ٽي-ٽوئنٽي ميچز تي ٻڌل سيريز جي ٽين ۽ آخري ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ اڄ ڀرپور ٽريننگ سيشن ۾ شرڪت ڪئي آهي، عمر اڪمل هيڊ ڪوچ وقاريونس پاران منع ڪرڻ بعد باوجود سوشل ميڊيا تي پنهنجي تصوير اپ لوڊ ڪري ڊسپلين جي وري خلاف ورزي ڪئي آهي.

پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽي-ٽوئنٽي ميچز تي ٻڌل سيريز جي آخري ميچ 22 تاريخ تي ويلنگٽن ۾ کيڏي ويندي.

آخري ميچ کان پهرين سمورن رانديگرن ڀرپور ٽريننگ سيشن ۾ شرڪت ڪئي آهي.

ٽريننگ سيشن دوران رانديگرن مختلف ورزشون ڪرڻ سميت فيلڊنگ جي ڀرپور پريڪٽس ڪئي، جنهن بعد نيٽ ۾ بالنگ ۽بيٽنگ جي پريڪٽس ڪئي وئي.

قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ وقاريونس ٽين ميچ کان پهرين سمورن رانديگرن کي اها هدايت ڪئي هئي ته هو پنهنجي راند تي ڌيان ڏين ۽ سوشل ميڊيا تي ڪي به تصويرون يا مواد اپ لوڊ نه ڪن پر عمر اڪمل هيڊ ڪوچ جي هڪ نه ٻڌي ۽ پنهنجي تصوير جنهن ۾ هو ۽محمد حفيظ سان نڪتل تصوير  سوشل ميڊيا تي اپ لوڊ ڪري ڊسپلين جي خلاف ورزري ڪئي.

واضح رهي ته پهرين ميچ ۾ قومي ٽيم ڪيوي ٽيم خلاف 16رنز تان ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏهن ته ٻي ميچ ۾ کين هڪ طرفي مقابلي بعد 10 وڪيٽس تان شڪست نصيب ٿي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*