آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري عبدالمجيد وفاقي حڪومت جي خاطرين بعد پارليامينٽ هائوس آڏو احتجاج ختم

Chaudhry Abdul Majeed.

آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري عبدالمجيد وفاقي حڪومت جي خاطرين بعد پارليامينٽ هائوس آڏو احتجاج ختم ڪري ڇڏيو آهي، احسن اقبال چيو آهي ته آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جي خدشن جي ازالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي آهي، جنهن جو اجلاس سڀاڻي ٿيندو.

آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري عبدالمجيد پاران فنڊز جاري نه ڪرڻ، آزاد ڪشمير ۾ ٿيندڙ چونڊ کان اڳ مبينا ڌانڌلين جي تيارين ۽ وفاقي وزير برجيس طاهر جي رويي خلاف پارليامينٽ هائوس آڏو احتجاج ڪيو ويو، جنهن ۾ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه ۽ پ پ اڳواڻ تاج حيدر به شريڪ ٿيا.

ان موقعي تي وفاقي وزير احسن اقبال پهچي آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري عبدالمجيد سان ملاقات ڪري خدشا ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، ملاقات دوران اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه ۽ ٻيا اڳواڻ به موجود هئا.

 ڳالهين بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت کين 6 ارب رپين جا فنڊ جاري نه پئي ڪري پر ن ليگ وارن لاءِ 12 ارب رپين جا فنڊ جاري ڪيا ويا آهن، جيڪي چونڊن کان اڳ ڌانڌلي آهي.

آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چيو ته وفاقي وزير برجيس طاهر جو به ساڻس رويو صحيح ناهي، اهو سندن خلاف غلط ٻولي ڳالهائي رهيو آهي.

ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جي خدشن جي ازالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي آهي، جنهن ۾ هـُو، خورشيد شاهه به شامل هوندا ۽ ڪميٽي جو اجلاس سڀاڻي ٿيندو.

احسن اقبال چيو ته آزاد ڪشمير ۾جڏهن بي اعتمادي واري رٿ آئي ته وزيراعظم ن ليگ ميمبرن کي پابند ڪيو ته اهڙي تحريڪ ۾ حصو نه ورتو وڃي، کين پ پ جي مينڊيٽ جو احترام آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*