ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، دهشتگردن کي پناهه ڏيڻ واري ڪيس ۾ ا جج ۽ وسيم اختر جي وڪيلن ۾ دلچسپ جملن جي ڏي وٺ

atc11-9

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، دهشتگردن کي پناهه ڏيڻ واري ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم پاران ڪراچي لاءِ نامزد ميئر وسيم اختر جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي، ٻڌڻي دروان جج ۽ وسيم اختر جي وڪيلن ۾ دلچسپ جملن جي ڏي وٺ ٿي.

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج خالده ياسين وسيم اختر ۽ رئوف صديقي خلاف دهشتگردن جو علاج ڪرائڻ ۽ پناهه ڏيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

وسيم اختر ۽ رئوف صديقي جا وڪيل وقت کان اڳ عدالت ۾ پهتا، جنهن تي جج سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

عدالت وڪيلن سان مخاطب ٿيندي چيو ته اهان مقرر وقت کان اڳ ائي اچي وڃو ٿا، جنهن سبب ٻين ڪيسز جي ڪارروائي هلائڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچن ٿيون.

وسيم اختر ۽ رئوف صديقي جي وڪيلن عدالت کان غير مشروط معافي طلب ڪندي چيو ته ٻيهر اهڙي غلطي نه ٿيندي.

وسيم اختر ۽ رئوف صديقي جي وڪيل عدالت کان استدعا ڪئي ته سندن موئڪلن جي ضمانت منظور ڪئي وڃي.

عدالت وسيم اختر جي 10 لک رپين عيوض ضمانت منظور ڪئي، جنهن تي وسيم اختر عدالت کان استدعا ڪئي ته 10 لک رپيا وڏي رقم آهي، جيڪا هو ادا نه ڪري سگهندو، جنهن تي جج ريمارڪس ڏنا ته پوءِ وسيم اختر جيل وڃي.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج خالده ياسين وسيم اختر کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان ڪم ڇا ڪندا آهيو؟، جنهن تي وسيم اختر جواب ڏنو ته هو سياستدان آهي، جڏهن ته ڪراچي لاءِ ميئر به نامزد ٿيل آهي.

وڪيل دليل ڏنا ته برسات کانپوءِ ڪراچي شهر جي مختلف علائقن ۾ گٽر اٿلي پيا آهن، جيڪڏهن وسيم اختر جيل هلي ويو ته گٽرن جي صفائي ڪير ڪندو؟.

جج ريمارڪس ڏنا ته هو 5 لک رپين عيوض وسيم اختر جي ضمانت منظور ڪري ٿي، هاڻ شهر جا گٽر صاف ڪري ڏيکاري…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*