پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي صدر آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري کي فوري طور تي امريڪا طلب ڪري ورتو

asifbilawal09-9

پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي صدر آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري کي فوري طور تي امريڪا طلب ڪري ورتو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ چيئرمين نيويارڪ ۾ امريڪي اختيارين سان ٿيندڙ ڳالهين ۾ شرڪت ڪندو.

 اڳوڻو صدر آصف علي زرداري گذريل ڏينهن نيويارڪ جي دوري تي پهتو هو،  سندس امريڪي ڪانگريس جي عملدارن سميت ٻين اعليٰ اختيارين سان ملاقاتون رٿيل آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف علي بلاول ڀٽو زرداري کي فوري امريڪا طلب ڪري ورتو آهي، جنهن بعد پ پ چيئرمين جي جلد فوري روانگي جو امڪان آهي.

ذريعن موجب، بلاول ڀٽو زرداري نيويارڪ ۾ امريڪي اختيارين سان رٿيل  ڳالهين ۾ شرڪت ڪندو…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*