نارا ڪينال جي ڪپرن جي مرمت نه ٿيڻ خلاف مختلف ڳوٺن جي رهواسين آبپاشي کاتي جي عملدارن خلاف احتجاجي مظاهرو

nara-kinal-protest

نارا ڪينال جي ڪپرن جي مرمت نه ٿيڻ خلاف مختلف ڳوٺن جي رهواسين آبپاشي کاتي جي عملدارن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

يوسف علي بهڻ، بهادر جوڻيجو ، جانب هڱورو ۽ ٻين ڳوٺن جي رهواسين نارو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

مظاهرين چيو ته نارا ڪئنال جي کاٻي پاسي کان آرڊي 538 کان 540 تائين پاڻي تيزي سان پائي رهيو آهي، جنهن سبب ڪپر ڪمزور ٿي ويا آهن.

هنن چيو ته ڪپر ڪمزور هئڻ سبب سوين ڳوٺ ٻڏڻ جو خطرو آهي، پر بار بار شڪايتون ڪرڻ باوجود آبپاشي کاتو ڪوبه تحرڪ وٺڻ لاءِ تيار ناهي.

هنن مطالبو ڪيو ته ڪينال جي ڪپرن تي پٿرن جي پچنگ ڪرائي مضبوطي وارو ڪم شروع ڪرايو وڃي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*