چارسده ۾ باچا خان يونيورسٽي تي حملي بعد ڀرپاسي وارين عمارتن جي جهڙتي وٺي ڪليئر قرار ڏنو ويو

charsada

چارسده ۾ باچا خان يونيورسٽي تي حملي بعد ڀرپاسي وارين عمارتن جي جهڙتي وٺي ڪليئر قرار ڏنو ويو، صوبائي وزير شوڪت يوسفزئي موجب دهشتگرد ڪوهيڙَي جو فائدو وٺي يونيورسٽي اندر داخل ٿيا ۽ پهريان سڪيورٽي گارڊز کي نشانو بڻايو.

چارسده ۾ باچا خان يونيورسٽي تي دهشتگردن جي حملي کانپوءِ سڪيورٽي ادارن ڀرپاسي وارين عمارتن کي ڪڙو چاڙهي جهڙتي ورتي، جيڪي ڪليئر قرار ڏنيون ويون.

صوبائي وزير شوڪت يوسفزئي موجب ڪوهيڙي جو فائدو وٺي دهشتگرد يونيورسٽي جي پوئين دروازي کان آرام سان اندر داخل ٿيا ۽ سڀ کان پهريان سڪيورٽي گارڊن کي نشانو بڻايو.

هن چيو ته دهشتگردن هاسٽل تي حملو فائرنگ ڪري ڏني، پر خوش قسمتيءَ سان اڪثر ٻارڙا ڪينٽين ۾ موجود هئا.

صوبائي وزير شوڪت يوسفزئي چيو ته دهشتگردن خلاف آپريشن جاري آهي، جلد صورتحال تي ضابطو آندو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*