عوامي نيشنل پارٽي چارسده ۾ يونيورسٽي تي حملي بعد 10 ڏينهن سوڳ ۽ باچا خان ۽ ولي خان جي ورسيءَ جا جلسا ملتوي ڪرڻ جو اعلان

bacha-khan-university

عوامي نيشنل پارٽي چارسده ۾ يونيورسٽي تي حملي بعد 10 ڏينهن سوڳ ۽ باچا خان ۽ ولي خان جي ورسيءَ جا جلسا ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، اسفند يار ولي جو چوڻ آهي ته قومي ايڪشن پلان تي عمل نه پيو ٿئي، جيڪڏهن اڃا به ستل رهياسين ته گهڻي دير ٿي ويندي.

 چارسده ۾ باچا خان يونيورسٽي تي حملي بعد رد عمل ظاهر ڪندي عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه اسفند يار ولي چيو ته چارسده حملي جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي.

هـُن چيو ته اتر وزيرستان ۾ آپريشن صحيح رستي ۾ هلي رهيو آهي پر دهشتگردن کي ڪنٽرول نٿو ڪري سگهجي.

اسفند يار ولي چيو ته 10 ڏينهن اڳ ئي ڪي ڪي پي ۾ تعليمي ادارن کي نشانو بڻائڻ جا اطلاع هئا، صوبائي حڪومت ٻڌائي ته تعليمي ادارن جي تحفظ لاءِ قدم ڇو نه کنيا ويا.

عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه چيو ته قومي ايڪشن پلان تي عمل نه ٿي رهيو آهي، بندش پيل تنظيمون ٻي نالي سان ڪم ڪري رهيون آهن، ڇا حڪومت جو فرض ناهي ته ايڪشن پلان جي هر نقطي تي عمل ڪيو وڃي.؟

اسفند يار ولي، چارسده حملي تي 10 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪندي چيو ته باچا خان ۽ ولي خان جي ورسيءَ جي موقعي تي اعلانيل جلسا به ملتوي ڪيا ويا آهن…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*