چارسده ۾ باچا خان يونيورسٽي تي دهشتگرد حملي ۾ هڪ پروفيسر سميت 14 ڄڻن جي شهيد ٿيڻ جي تصديق

charsada-bacha-khan-uni

چارسده ۾ باچا خان يونيورسٽي تي دهشتگرد حملي ۾ هڪ پروفيسر سميت 14 ڄڻن جي شهيد ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي ۽ حملي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي  پڻ ٿي پيا آهن، سڪيورٽي فورسز ڪارروائي ڪري حملو ڪندڙ 4 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو آهي، جڏهن ته پاڪ فوج پاران يونيورسٽي اندر ڪليئرنس آپريشن به شروع ڪيو ويو آهي.

چارسده يونيورسٽي ۾ قومپرست اڳواڻ باچا خان يونيورسٽي ۾ ورسيءَ جي موقعيءَ تي مشاعري جو اهتمام ڪيو ويو هو، جنهن ۾ شرڪت لاءِ شاگرد، استاد ۽ عملي جو وڏ انگ موجود هو ته اوچتو فائرنگ جو سلسلو شروع ٿي ويو ۽ ڌماڪن جا آواز به ٻڌا ويا.

فائرنگ ۽ ڌماڪن جي آواز بعد ڀاڄ پئجي وئي، شاگردن پنهنجي ڪلاسن ۽ شاگردياڻيون هاسٽل ۾ وڃي پناهه ورتي، چارسده يونيورسٽي جي ملازم جو چوڻ آهي ته حملو ڪندڙ دهشتگرد يونيورسٽي جي پوئين دورازي مان داخل ٿيا.

حملي بعد سڪيورٽي فورسز چارسده کي گهيري هيٺ آڻي سرچ آپريشن شروع ڪيو، جنهن بعد فائرنگ جي ڏي وٺ جاري رهي پر حالتن کي نظر ۾ رکندي پاڪ فوج کي فوري طور تي طلب ڪيو ويو، جنهن بعد پاڪ فوج جي جٿن يونيورسٽي اندر داخل ٿي گهڻ ماڙ عمارتن جو ڪنٽرول سنڀاليو ۽ ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪندي حملو ڪندڙ چئني دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.

دهشتگردن جي حملي ۾ يونيورسٽي جي اسسٽنٽ پروفيسر حامد حسين سميت 14 ڄڻن جي شهيد ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي،جڏهن ته 20 کان وڌيڪ زخمي آهن.

شهيدن ۾ باچا خان يونيورسٽي جو اسسٽنٽ پروفيسر  حامد حسين به شامل آهي، جيڪو ڪجهه ڏينهن اڳ ئي برطانيه مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري ڪري پاڪستان آيو هو ۽ باچا خان يونيورسٽي ۾ ڪيمسٽري جو استاد هو.

 آءِ ايس پي آر موجب چارسده يونيورسٽي ۾ حملي بعد پاڪ فوج جي جٿن پهچي چئني دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، جڏهن ته آپريشن جي فضائي نگراني به ڪئي وئي، جنهن بعد يونيورسٽي جي سمورن بلاڪس ۾ ڪليئرنس آپريشن به ڪيو ويو.

 چارسده يونيورسٽي ۾ حملي بعد شهر جا ٻيا تعليمي ادارا به بند ڪيا ويا آهن، جڏهن ته مرادن جي عبدالولي خان يونيورسٽي کي به بند ڪيو ويو آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*