وزيراعظم نواز شريف باچا خان يونيورسٽي تي حملي بعد وفاقي وزيرن عبدالقادر بلوچ، پرويز رشيد ۽ بليغ الرحمان کي چارسده پهچڻ جي هدايت

nawaz-sharif

وزيراعظم نواز شريف باچا خان يونيورسٽي تي حملي بعد وفاقي وزيرن عبدالقادر بلوچ، پرويز رشيد ۽ بليغ الرحمان کي چارسده پهچڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، پرويز رشيد چيو آهي ته چارسده حملي بعد صوبائي حڪومت سان رابطي ۾ آهيون، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سموري قوم متحد آهي.

 قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير پرويز رشيد چيو ته چارسده ۾ باچا خان يونيورسٽي تي حملي جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي، سڪيورٽي فورسز وقت سر ڪارروائي نه ڪري ها ته وڏو نقصان ٿئي ها.

هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ صوبائي حڪومت ۽ وفاقي حڪومت سميت سياستدانن ۾ ڪو به فرق ناهي، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سموري قوم متحد آهي.

پرويز رشيد چيو ته اهو تاثر نه ڏيڻ گهرجي ته دهشتگرد معمول جي زندگي کي يرغمال بڻائي سگهجن ٿا، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سڪيورٽي فورسز ۽ پوليس وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪريون آهن.

پرويز رشيد وڌيڪ چيو ته وزيراعظم نواز شريف، وفاقي وزير عبدالقار بلوچ، گهرو معاملن واري مملڪتي وزير بليغ الرحمان ۽ کيس فوري طور چارسده پهچڻ جي هدايت ڪئي آهي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*