بلوچستان جي علائقي بارکان ۾ايف سـِي جي ڪارروائي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا

fc-11-8

بلوچستان جي علائقي بارکان ۾ايف سـِي جي ڪارروائي دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا ۽  ٽـِن دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو.

ايف سي بلوچستان ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب  بارکان ۾ دهشتگردن جي موجودگي واري ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران دهشتگردن فائرنگ ڪري ڏني.

ترجمان موجب، دهشتگردن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو، جڏهن ته ايف سي جي جوابي ڪارروائي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا.

ايف سي ترجمان جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگردن جو واسطو پابندي مڙهيل تنظيم سان آهي، جنهن ۾ هڪ دهشتگرد ڪمانڊر به شامل آهي.

فرنٽيئر ڪور جي ترجمان وڌيڪ چيو ته مارجي ويل دهشتگرد سڪيورٽي فورسز تي حملي ۾ ملوث هئا…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*