بچاءَ واري وزير خواجه آصف چارسده جي باچا خان يونيورسٽي ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ 20 ڄڻن جي شهيد ٿيڻ جي تصديق

khuwaja-asif-06

بچاءَ واري وزير خواجه آصف چارسده جي باچا خان يونيورسٽي ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ 20 ڄڻن جي شهيد ٿيڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد بزدلاڻين ڪارروائين سان قوم جا حوصلا ڪمزور نٿا ڪري سگهن.

قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته باچا خان يونيورسٽي ۾ دهشتگردن جي حملي دوران شاگردياڻين سميت 20 ڄڻا شهيد ۽ 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

هن چيو ته ڪور ڪمانڊر پشاور آپريشن جي نگراني ڪري رهيو آهي، جڏهن ته باچا خان يونيورسٽي کي ڪليئر ڪرايو ويو آهي.

خواجه آصف چيو ته يونيورسٽي تي حملو بزدلاڻي ڪارروائي آهي، هٿين خالي ماڻهن تي گوليون هلائيندڙ جوڪنهن مذهب، رنگ نسل ۽ فرقي سان واسطو ناهي هوندو.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان خطي ۾ امن جي بحالي لاءِ دهشتگردن خلاف آپريشن ڪري رهيو آهي، جنهن جا نتيجا به مثبت نڪتا آهن.

خواجه آصف چيو ته پاڪستان پاڙيسري ملڪن ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جنهن جو ثمر به ملي رهيو آهي.

بچاءَ واري وزير وڌيڪ چيو ته پاڪستان، افغانستان ۾ مستقل امن جي بحالي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، جڏهن ته خطي ۾ امن جي بحالي لاءِ مثبت ڪردار ادا وارو سلسلو جاري رکيو ويندو…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*