ٽنڊو ڄام ڀرسان او جي ڊي سي ايل آئل فيلڊ ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار نه ملڻ ۽ ترقياتي نه ٿيڻ خلاف مقامي ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

tando-jam-protest

ٽنڊو ڄام ڀرسان او جي ڊي سي ايل آئل فيلڊ ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار نه ملڻ ۽ ترقياتي نه ٿيڻ خلاف مقامي ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو آهي.

مقامي ماڻهن مير شير محمد ٽالپر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽنڊو ڄام پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري انتظاميه خلاف نعريبازي ڪئي.

مظاهرين چيو ته او جي ڊي سي ايل آئل فيلڊ ۾ مقامي ماڻهن بدران ڌارين کي ڀرتي ڪيو پيو وڃي، جيڪا علائقي واسين سان نا انصافي آهي.

هنن چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم باوجود ڪمپني انتظاميه علائقي کي گيس فراهم ناهي ڪيو ۽ علائقي ۾ ٻيا ترقياتي ڪم ناهن ڪرايا.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته او جي ڊي سي ايل ڪمپني ۾ مقامي ماڻهن کي ورزگار ڏئي علائقي ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌائيندا……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*