صوڀوديرو تعلقي جا اسڪارپ ٽيوب ويل ناڪاره هئڻ ۽ شاخن واهن جي کاٽي نه ٿيڻ خلاف آبادگارن نڱورجا ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

hangorija-protest

صوڀوديرو تعلقي جا اسڪارپ ٽيوب ويل ناڪاره هئڻ ۽ شاخن واهن جي کاٽي نه ٿيڻ خلاف آبادگارن نڱورجا ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

 آبادگارن ڪامريڊ لئونگ خان حطار، ڪامريڊ ممتاز سهتو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

مظاهرين چيو ته تعلقي صوڀوديرو جا اسڪارپ ٽيوب ويل ڪيتري عرصي کان خراب آهن، جنهن ڪري هزارين ايڪڙ زرعي زمين سم ۽ ڪلر جي ور چڙهي وئي آهي.

 هنن چيو ته اسڪارپ کاتي کي ملندڙ ڪروڙين روپين جي بجيٽ ڪامورا پاڻ هڙپ ڪري ويا آهن، تعلقي  جي شاخن ۽ واهن جي اڃان تائين کاٽي ناهي ڪرائي وئي.

هنن مطالبو ڪيو ته خراب پيل ٽيوب ويل درست ڪرائي شاخن ۽ واهن جي کاٽي ڪرائي فصل تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي، ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*