عمران فاروق قتل ڪيس جو اهم جوابدار خالد شميم سلطاني گواهه بڻجڻ لاءِ راضي ٿي ويو

khalid-shamim

عمران فاروق قتل ڪيس جو اهم  جوابدار خالد شميم سلطاني گواهه بڻجڻ لاءِ راضي ٿي ويو آهي، خالد شميم دعويٰ ڪئي آهي ته ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين کي برطانيه، ڀارت ۽ امريڪا جي ڳجهن ادارن جي حمايت حاصل آهي.

اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيشيءَ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي خالد شميم چيو ته عمران فاروق قتل ڪيس ۾ انصاف جي فراهمي لاءِ عوام سندس مدد ڪري.

هـُن چيو ته جيڪڏهن عمران فاروق قتل ڪيس ۾ پاڪستان اندر انصاف نه ٿو ٿئي ته هـُو  هـِن ڪيس کي انصاف جي عالمي عدالت به کڻي وڃڻ لاءِ تيار آهي.

 ان موقعي تي صحافي خالد شميم کان سوال ڪيو ته ڇا توهان الطاف حسين خلاف سلطاني شاهد ٿيڻ لاءِ تيار آهيو؟، جنهن تي جوابدار چيو ته بلڪل هـُو سلطاني شاهد ٿيڻ لاءِ تيار آهي.

خالد شميم دعويٰ ڪئي ته الطاف حسين کي ڀارتي ڳجهي اداري راءِ، برطانوي ڳجهي اداري ايم سڪس ۽ امريڪي جي سي آءِ اي جي حمايت حاصل آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*