نيب راولپنڊي جي لاهور ۾ ڪارروائي، ڊي ايڇ اي اسڪينڊل ۾ملوث ڄاڻايل ٻن اڳوڻن فوجي آفيسرز سميت ٽن ڄڻن کي حراست ۾ ورتو

nab-logo-08

نيب راولپنڊي لاهور ۾ ڪارروائي ڪري ڊي ايڇ اي  سٽي اسڪينڊل ۾ ملوث ڄاڻايل ٻن اڳوڻن فوجي آفيسرز سميت ٽن ڄڻن کي حراست ۾  وٺي ڇڏيو آهي، نيب ترجمان چيو آهي ته ڊي ايڇ اي جي اڳوڻي ايڊمنسٽريٽر رٽائرڊ ڪرنل صباحت قدير بٽ سميت ٽنهي ڄڻن جو احتساب عدالت مان 29 جنوري تائين رمانڊ ورتو ويو آهي.

نيب راولپنڊي پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب ڊي ايڇ اي سٽي لاهور ڪرپشن اسڪينڊل ۾ ملوث ڄاڻايل ٽـِن ڄڻن برگيڊيئر رٽائرڊ جاويد اقبال، ڊي ايڇ اي جي اڳوڻي ايڊمنسٽريٽر ۽ ڪرنل رٽائرڊ صباحت قدير بٽ کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن تي ڊي ايڇ اي اسڪيم جي الاٽمينٽ جا  سرٽيفڪيٽ غير قانوني طور جاري ڪرڻ جا الزام آهن.

پڌرائي موجب ڪيس ۾ ڊي ايڇ اي کي نقصان پهچائڻ جي الزام هيٺ نجي ڪمپني جي سـِي اِي او وسيم اسلم کي به گرفتار ڪيو ويو آهي.

نيب موجب، وسيم اسلم ڊي ايڇ اي جي الاٽمينٽ بابت اهڙا سرٽيفڪيٽ به جاري ڪيا، جيڪي وڪري جوڳا نه هئا، جوابدارن جو اهڙو عمل ڪانٽريڪٽ واري معاهدي جي ڀڃڪڙي آهي.

پڌرائي موجب، ٽنهي جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪري رمانڊ جي استدعا ڪئي وئي ۽ عدالت 29 جنوري تائين جوابدارن جو رمانڊ منظور ڪري ورتو آهي……………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*