سپريم ڪورٽ پنجاب جي قومي تڪ اين اي 153 تي ٻيهر چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

Supreme Coourt

سـُپريم ڪورٽ، پنجاب جي قومي تڪ اين اي 153 تي ٻيهر چونڊ ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي مسلم ليگ ن جي اميدوار ديوان عاشق بخاري جي اليڪشن ٽربيونل جي فيصلي خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.

چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽـَي رڪني بينچ اين اي 153 تان مسلم ليگ ن جي اميدوار ديوان عاشق جي اليڪشن ٽربيونل ملتان جي فيصلي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

 تڪ تان هارايل اميدوار قاسم نون جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته ديوان عاشق پنهنجي نامزدگي ڪاغذ ۾ ايم اي ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي پر ان ميٽرڪ به ناهي ڪئي، سندس ايم اي واري ڊگري جعلي آهي ۽ ان غير قانوني اثاثا به ٺاهيا آهن.

پ پ اڳواڻ سپريم ڪورٽ کي اپيل ڪئي ته اليڪشن ٽربيونل جوفيصلو برقرار رکندي تڪ تي ٻيهر چونڊ ڪرائي وڃي.

 ديوان عاشق جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته سندس اصيل جي ڊگري اصلي آهي ۽ غير قانوني اثاثن وارا الزام بي بنياد آهن.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته جنهن شخص ميٽرڪ ئي ناهي ڪئي، اهو ايوانن ۾ ڪيئن ٿو پهچي سگهي.؟

عدالت اليڪشن ٽربيونل جو فيصلو برقرار رکندي حڪم ڏنو ته اين اي 153 تي ٻيهر چونڊون ڪرايون وڃن……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*