وزيراعظم نواز شريف سان افغان صدر اشرف غني ۽ امريڪي نائب صدر جو بائيڊن جي ملاقات

pm-nawaz

وزير اعظم نواز شريف چيو آهي  ته پاڪستان دهشتگردي خلاف فيصلائتي جنگ ۾ رڌل آهي، حڪومت جي بهتر پاليسين سبب پاڙيسري ملڪن اسلام آباد ۾ دلچسپي وٺن رهيا آهن.

سوئيٽزر لينڊ جي دوري تي پهتل وزيراعظم نواز شريف ڊيوس ۾ افغان صدر اشرف غني ۽ امريڪي نائب صدر جو بائيڊن سان گڏيل ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران امريڪي پرڏيهي وزير جان ڪيري، ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ۽ ٻيا موجود به موجود هئا.

ملاقات دوران  خطي جي سڪيورٽي صورتحال ۽ ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڏي وٺ ڪئي وئي.

ان موقعي تي وزير اعظم نواز شريف چيو ته ڊيووس ۾ سيڙپڪارن سان ملاقاتون ڪيون آهن، جن اسلام آباد جي معيشت جي بهتري لاءِ کنيل قدم کي ساراهيو آهي.

وزير اعظم چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف فيصلائتي جنگ ۾ رڌل آهي، حڪومت جي بهتر پاليسين سبب پاڙيسري ملڪن اسلام آباد ۾ دلچسپي وٺن رهيا آهن……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*