قومي اسيمبلي ۾ ڪاري ناڻي کي اڇو ڪرڻ وارو ايمنسٽي ٽيڪس بل پيش ٿيڻ خلاف اپوزيشن جو احتجاج ۽ واڪ آئوٽ

national-assembly20-8

وفاقي سرڪار، اپوزيشن جي سخت احتجاج ۽ واڪ آئوٽ باوجود قومي اسيمبلي مان انڪم ٽئڪس ترميمي بل 2016 منظور ڪرائي ورتو آهي، اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه وفاقي وزيرن کي قسم ڏيندو رهيو پر سندس ڪنهن نه ٻڌي.

قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ مخلتف معاملن تي بحث ڪيو ويو.

وفاقي وزير زاهد حامد انڪم ٽئڪس ترميمي بل 2016 پيش ڪيو، جنهن مخالف ڌر سخت احتجاج بعد ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو، جڏهن ته ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي نعريبازي ڪئي وئي.

ايوان ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو ته ميان صاحب!، توهان کي ذوالفقار ڀٽو، شهيد بينظير ڀٽو جي قربانين ۽ وزير اعظم هائوس ۾ لڳايل هٿڪڙين جو قسم بل پاس نه ڪرايو.

خورشيد شاهه چيو ته وزير اعظم نواز شريف ٽئڪس گهٽائڻ جو واعدو ڪيو هو، پر 40 سيڪڙو اضافو ڪري ڇڏيو، جيڪو عوام جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ برابر آهي.

ايوان ۾ ڳالهائڻ جي اجازت نه ملڻ تي شيرين مزاري احتجاج ڪيو ته ڊپٽي اسپيڪر مٿس سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته شيرين مزاري صاحبه اوهين زبان سنڀالي ڳالهايو، هي ڪرسيون دانهون ڪرڻ لاءِ نه آهن.

پي ٽي آءِ جي شاهه محمود قريشي چيو ته ايف بي آر هـــڪ جلاد ۽ ديـــــــــــوَ بڻجي غريب عوام جا کيسن تي ڌاڙا هڻي رهيو آهي.

هن چيو ته حڪومت اڄ بل پاس ڪرائي ثابت ڪري ڇڏيو ته هو عوام سان نه پر چورن سان سچي آهي، نواز شريف کي سوچڻ گهرجي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*