باچا خان يونيورسٽي تي حملي واري واقعي کانپوءِ سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ تعليمي ادارن جي سيڪيورٽي هاءِ الرٽ

bacha-khan-university-shooting

چارسده حملي خلاف ڪي پي ڪي سميت چئني صوبن ۾ سوڳ ملهايو پيو وڃي، پي ايم هائوس، ايوان صدر ۽ پارليامينٽ سميت سرڪاري آفيسن تي قومي جهندو نِوايو ويو، ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تقريبون ڪوٺائي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي ۽ دهشتگردي خلاف مظاهرا ڪيا ويا.

چارسده سانحي خلاف سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ سوڳ ملهايو پيو وڃي، سمورن سرڪاري ادارن ۾ قومي جهنڊو نويل آهي.

حيدرآباد جي مختلف اسڪولن ۾ ميڻ بتيون ٻاري چارسده سانحي جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي ۽ زخمين جي صحتيابي لاءِ دعائون گهريون ويون.

اسڪولي شاگردن ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن دهشتگردي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري تعليمي ادارن ۾ سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

دادو ۾ پائليٽ ۽ طالب موليٰ اسڪولن جي شاگردن ۽ استادن ميان محمد پيرزادَي ۽ اختر گراماڻي جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.

باچا خان يونيورسٽي  تي حملي خلاف  نوابشاهه ۾ قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي جي شاگردن احتجاجي ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي.

تنگواڻي جي اسد پبلڪ اسڪول ۾ هڪ منٽ جي خاموش اختيار ڪري چارسده جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، جڏهن ته زخمين جي صحتيابيءَ لاءِ دعا گهري وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*