پٺاڻ ڪوٽ ايئر بيس ڪيس،انويسٽيگيشن ايجنسي جي ٽيم حملي آورن پاران مبينا طور تي اغوا ڪيل ايس پي سالوِندر سنگهه جي گهر تي ڇاپو

india

پٺاڻ ڪوٽ ايئر بيس تي حملي جي جاچ ڪندڙ ڀارتي نيشنل انويسٽيگيشن ايجنسي جي ٽيم حملي آورن پاران مبينا طور تي اغوا ڪيل ايس پي سالوِندر سنگهه جي گهر تي ڇاپو هڻي کانئن پڇا ڳاڇا ڪئي آهي، پوليس موجب سالوِندر سنگهه جو رڪارڊ صاف نه هجڻ ڪري سندس بيان تي اعتبار نٿو ڪري سگهجي.

ڀارتي نيشنل انويسٽيگيشن ايجنسي جي ٽيم امرتسر ۾ ايس سالوِندر سنگهه جي گهر تي ڇاپو هنيو، ان وقت سڪيورٽي جا پڻ سخت انتظام ڪيا ويا هئا، بي ايس جا اهلڪار به رستن تي مقرر ٿيل هئا.

ايس پي سالوِندر سنگهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو هو ته پٺاڻ ڪوٽ بيس تي حملي کان هڪ ڏينهن اڳ پهرين جنوري تي هٿياربندن مٿس حملو ڪري کيس اغوا ڪيو هو ۽ اهي هٿياربند پاڻ ۾ اردو ڳالهائي رهيا هئا.

شروعاتي طور تي سالوِندر سنگهه جي شڪايت کي هٿيارن جي ڦر سمجهيو پئي ويو، رائٽرز موجب پنجاب پوليس جي سينيئر پوليس آفيسر  نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته سالوندر جي شڪايت کي سنجيدگي سان نه ورتو ويو، ڇاڪاڻ ته ان جو رڪارڊ شفاف نه رهيو آهي.

عورت اهلڪار پاران جنسي طور هراسان ڪرڻ وارن الزامن بعد سالوندر سنگهه کي  تازو بدلي بهڪيو ويو هو.

جاچ دوران اها ڳالهه به سامهون آئي  آهي ته پٺاڻ ڪوٽ ايئربيس تي حملي کان 12 ڪلاڪ اڳ پهرين جنوري تي منجهند ڌاري حملي آورن بيس جي اندران سالوندر سنگهه جي موبائل فون تان ڪالز ڪيون هيون.

پٺاڻ ڪوٽ حملي جي جاچ ڪندڙ اين آءِ اَي جي ٽيم ايس پي سالوندر سنگهه سان لاڳاپيل مختلف هنڌن جا دورا ڪيا  آهن، جن ۾ سندس بيان ڪيل اغوا وارو هنڌ به شامل آهي.

سالوندر سنگهه جي بيانن ۾ تضاد سبب کانئس ڪيترائي ڀيرا پڇا ڳاڇا ٿي چڪي آهي، جڏهن ته سندس بورچي مدن لال ۽ جيولر دوست راجيش ورما

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*