پ پ سنڌ جي ورهاڱي بابت سوچڻ کي ڏوهه سمجهي ٿي ۽ سنڌ ۾ مستقل رهندڙن کي سنڌي سمجهون ٿا:مولا بخش

mola-bux-chandio

سڌ سماءَ بابت وڏي وزير جي صلاحڪار مولا بخش چانڊئي چيو آهي ته پ پ سنڌ جي ورهاڱي بابت سوچڻ کي ڏوهه سمجهي ٿي ۽ سنڌ ۾ مستقل رهندڙن کي سنڌي سمجهون ٿا.

ڪراچي ۾ پ پ ميڊيا سيل تي پريس ڪانفرنس ڪندي مولا بخش چانڊئي چيو ته هٿ کڻي ووٽ ڏيڻ سان ايم ڪيو ايم جي پريشاني ۾ گهٽتائي ايندي اهڙي بل تي متحده جو احتجاج اجايو آهي.

هن چيو ته متحده سان جنگ نه پر اختلاف آهن .

مولا بخش چانڊيو چيو ته ٿر جي صورتحال انساني معاملو آهي ان تي اجائي دانشوري نه ڪرڻ گهرجي.

صوبائي صلاحڪار چيو ته پ پ حڪومت خلاف اجائي واويلا ڪئي وڃي ٿي ۽ ميڊيا کي امن امان ۾  وفاق جي ناڪامي نظر ڇو نٿي اچي.

مولا بخش چانڊيو چيو ته نواز شريف جي جن به پارٽين دوستي هوندي آهي انهن خلاف گهٽ ڳالهائيندو آهي ۽ ميان صاحب طالبان خلاف به نه ڳالهائيندو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*