ملڪ کي خوشحال بڻائڻ وارو خواب ساڀيان ڏانهن وڌي رهيو آهي وزيراعظم نواز شريف

وزير اعظم ميان نواز شريف چيو آهي ته رستن جو ڄار وڇائي ۽ بجلي ۽ گئس جي پيداوار کي وڌائي ملڪ کي خوشحال بڻائڻ وارو خواب ساڀيان ڏانهن وڌي رهي آهي،

چڪوال ۾ لاهور-اسلام آباد موٽر وي جي تعمير نو واري تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعظم ميان نواز شريف چيو ته 6 لين واري موٽر وي ٺاهي وئي آهي، جيڪو ڏکڻ ايشيا ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون منصوبو آهي.

هن چيو ته موٽر وي جي تعمير پنهنجي وسيلن سان ڪئي وئي آهي ۽ اُن لاءِ ڪو به قرض نه ورتو ويو آهي.

هن چيو ته 16 سال اڳ موٽر وي ٺاهي وئي هئي، جنهن جي پنج سال بعد مرمت ٿيڻ گهرجي ها پر ٻين حڪومتن اُن تي توجهه نه ڏنو.

نواز شريف چيو ته موٽر وي تي تنقيد ڪندڙ به موٽر وي تي ئي سفر ڪري رهيا آهن، نواز شريف جو چوڻ هو ته جلد ڪراچي کان لاهور موٽر وي جي پيڙهه جو پٿر رکيو پيو وڃي، جڏهن ته بعد ۾ ٻيا به ڪيترائي منصوبا آهن، جنهن سان سڄي ملڪ کي بهترين رستن جي نيٽ ورڪ سان ڳنڍي انقلاب آندو ويندو، جڏهن ته ڪوئلي تي جڏهن بجلي ٺهندي ته اُن سان بجلي بحران ختم ٿي ويندو ۽ بجلي سستي پوندي.

نواز شريف جو چوڻ هو ته سندس منصوبي ڊي جو مطلب ڊولپمينٽ ۽ احتجاجين جي ڊي جو مطلب ڊسٽرڪشن آهي، پر الله پاڪستان کي تباهي کان بچائيندو.

نواز شريف وڌيڪ چيو ته ڌرڻن جي سياست ملڪ کي نقصان پهچائڻ لاءِ آهي، وٽس ڳڻائڻ لاءِ ملڪي ترقيءَ جا ڪيترائي منصوبا آهن، جڏهن ته مخالفن وٽ ملڪي ترقي بدران تباهي جا منصوبا آهن ۽ اُهي ڳڻائيندا ته هنن ملڪي ترقي کي رنڊڻ لاءِ ڌرڻا هنيا ۽ احتجاج ڪيا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*