ڏڪاريل ڏيهه ٿرپارڪر ۾ بيمارين ۽ طبي سهولتن جي کوٽ سبب معصوم ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو جاري, انگ 100 ٿي ويو

thar-child-death

ڏڪاريل ڏيهه ٿرپارڪر ۾ بيمارين ۽ طبي سهولتن جي کوٽ سبب معصوم ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي، مٺي سول اسپتال ۾ وڌيڪ هڪ ٻارڙِي فوت ٿيڻ بعد 22 ڏينهن دوران فوت ٿيل ٻارڙن جو انگ وڌي هڪ سئو ٿي ويو آهي.

مٺي جي سول اسپتال ۾ ٽن ڏينهن جي ٻارڙِي ڪويتا بيماري جي سٽ نه سهندي فوت ٿي وئي، جنهن بعد ٿرپارڪر ضلعي ۾ 22 ڏينهن دوران حياتيون وڃائيندڙ ٻارڙن جو انگ وڌي هڪ سئو ٿي ويو آهي.

مٺي، ننگرپارڪر، ڇاڇرو ۽ ٻين سرڪاري اسپتالن ۾ ڪيترائي ٻارڙا داخل آهن، جڏهن ته اسپتالن ۾ سهولتن جي کوٽ برقرار  آهي…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*