اسٽار وارز سيريز جي فلم ۾ استعمال ڪيل هڪ ناياب گن آن لائن نيلامي لاءِ پيش

star-filam

اسٽار وارز سيريز جي فلم ۾ استعمال ڪيل هڪ ناياب گن آن لائن نيلامي لاءِ پيش ڪئي پئي وڃي.

نيٽ ڊي سينڊريس پاران لاس اينجلس ۾ گن جي نمائش ڪئي وئي آهي، ڊي ايل فورٽي فور بليسٽر ليوڪ اسڪاءِ واڪر فلم“ دي ايمپائر اسٽرائيڪس بيڪ” ۾ استعمال ڪئي هئي.

نيٽ ڊي سينڊريس نيلام گهر موجب فائبر گلاس واري هي گن پنهنجي اصلوڪي شڪل ۾ آهي ۽ هي گن ڪڏهن به فائر ڪرڻ لاءِ نه ٺاهي وئي هئي، بلڪ هي هلڪي گن اهڙن منظرن لاءِ ٺاهي وئي هئي جن ۾ ويڙهه شامل نه هئي.

هي گن ليوڪ اسڪاءِ واڪر جو ڪردار نڀائيندڙ مارڪ هيلم فلم ۾ استعمال ڪئي هئي، جيڪا هن بي بي سي جي ٻارڙن جي شو دوران هڪ ٻار کي ڏني هئي.

ڊي ايل فورٽي فور بليسٽر گن 28 جنوري کان نيلامي لاءِ رکي ويندي، جنهن جي شروعاتي ٻولي 2 لک ڊالر آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*