بالي ووڊ اسٽار سني ديول جي 1990 جي سپر هٽ فلم “گهايل” جي سيڪوئل “گهايل ونس اگين” جو نئون ٽريلر جاري

sani-dawal

بالي ووڊ اسٽار سني ديول جي 1990 جي سپر هٽ فلم “گهايل” جي سيڪوئل “گهايل ونس اگين” جو نئون ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي.

1990ع جي “گهايل” فلم ۾ سني ديول ۽ ميناڪشي ششادري مک ڪردار نڀايا هئا، 2016ع جي “گهايل ونس اگين” به اتان شروع ٿئي ٿي، جتي گهايل ختم ٿي هئي.

ممبئي ۾ هڪ تقريب دوران سني ديول ساٿي اداڪارن رِشڀ ارورا ۽ شيوِم پٽيل سان گڏ فلم جي ٽريلر جي ڊي وي ڊي جو مهورت ڪيو، فلم جي ڪاسٽ ۾ سوها علي خان ۽ اوم پوري به شامل آهن.

ٽريلر رليز ڪرڻ واري تقريب دوران ڳالهائيندي سني ديول چيو ته هن پوري تياري ڪئي هئي، انڪري کيس فلم جي ڪهاڻي لکڻ ۽ ڊائريڪشن ڏيڻ ۾ کيس گهڻو مزو آيو.

سني ديول فلم لا هالي ووڊ جي ايڪشن ڪو آرڊينيٽر ڊين براڊلي جون خدمتون حاصل ڪيون هيون، شروع ۾ فلم جو نالو “گهايل ريٽرنس” رکيو ويو هو پر بعد ۾ “گهايل ونس اگين” رکيو ويو.

گهايل ونس اگين شروع ۾ 13 جنوري 2015 تي رليز ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هو پر بعد ۾ ويوئل افيڪٽس جي ڪم سبب رليز ملتوي ڪئي وئي، جيڪا هاڻي 5 فيبروري تي نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*