سي آءِ اي پوليس حيدرآباد ۾ ڪارروائي ڪري 4 ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي

حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ سي آءِ اي پوليس ڪارروائي ڪري 4 ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، مقابلي دوران هڪ اهلڪار زخمي ٿي پيو آهي.

 سي آءِ اي پوليس ٽنڊو محمودي ۽ جي ار آر ۾ ڪارروائي ڪري 4 ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس جو چوڻ آهي ته  ڏوهارين سان مقابلي دوران هڪ سب انسپيڪٽر زخمي ٿي پيو جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويوآهي.

پوليس موجب گرفتار جوابدارن وٽان وڏي مقدار ۾ منشيات ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*